اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا پوليس جي سب انسپيڪٽر سحر گل جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي گهروارن ۽ ٻارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ٻارن کي اسڪول کان وٺڻ لاءِ ويندڙ والد جي شهادت تي افسوس آهي، ??زيراعظم خيبرپختونخوا ۾ پوليس اهلڪارن تي وڌندڙ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏ?? وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏي، ??زيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد پوليس سب انسپيڪٽر کي شهداءَ پيڪيج ڏنو وڃي، ??ارن جي تعليم ۽ گهروارن جي ڪفالت يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف، انجنيئر امير مقام کي شهيد پوليس اهلڪار لاءِ مالي مدد کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي، ??زيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ گهروارن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.