اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءُ اسلام جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان ۽ اڪرم خان دراني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي ۽ بهت??ي کي يقيني بڻائڻ ??اءِ س??ورين سياسي پارٽين جي گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي پاسي جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي وفد به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ مو??صلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، مذهبي معاملن وارو وزير مولانا عبدالشڪور، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وزير مولانا عبدالواسع ۽ سيفران وارو وزير سينيٽر محمد طلحه محمود شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ ??اءِ س??ورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.