اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ضرورت آهي، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏي?? احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آر?? بشپ آف ڪينٽربري جسٽن ويليبي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ مذهبي ??دارن خاص طور تي مسجدن ۽ چرچ جي اهميت تي روشني وڌي وئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي ??دارا قومن جي وچ ۾ مذهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي مختلف مسئلا درپيش آهن، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏي?? احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي، دنيا کي انسانيت ۽ امن جي لاءِ ڪم ڪرڻ، ماڻهن جون مصيبتون ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. پناهگيرن جي سارسنڀال ڪرڻ عالمي برادري جي پڻ اخلاقي ذميواري آهي. آر?? بشپ چيو ته پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪنوينشن جي ضرورت آهي.