اسلام آباد – 21 في??روري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رشين فيڊريشن جي صدر ولادي مير پيوٽن جي دعوت تي سڀاڻي اربع ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روس روانو ٿيندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ گڏ هوند??. پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪند??. پ??ڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل احترام، اعتماد ۽ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ه?? جهڙن ن??رين جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ملاقات دورا?? توانائي جي شعبي ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم عمران خان جو دورو پاڪستان ۽ روس جي گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.