اسل??م آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ادارن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتڪار آفيسرن جي مقرري ۽ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران ج??ري بيان مجب حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کنيو آهي، وزيراعظم وفاقي ادارن ۾ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 39 وفاقي ڊويزنز ۾ ??وو??سيز پاڪستانين جي لاءِ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، وزيراعظم 13 وزارتن جي 34 ذيلي ادارن ۾ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيڪس قائم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم جي هداي تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل وزارتن کي ان سلسلي ۾ هدايت ج??ري ڪري ڇڏ?? آهي. وزيراعظم آفيس پاران ج??ري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سهولتڪار آفيسر گريڊ 19 کان گهٽ جا نه هوندا ۽ وزارتون سهولتڪار آفيسرن جي مقرري کي نوٽيفائي ڪنديون. خط ۾ هدايت ڪئي وئ?? آهي ته مخصوص سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو پڻ باقاعده نوٽيفڪيشن ج??ري ڪيو وڃي ۽ وفاقي ادارا سهولت جي فراهمي بابت آگاهي جي لاءِ پرڏيهي وزارت، سمنڊ پار پاڪستانين و??ري وزارت ۽ اطلاعات و??ري وزارت کي معلومات فراهم ڪن، ان قدم جو مقصد سمنڊ پار پاڪستانين کي آفيسن ۾ درپيش مسئلن جو ازالو ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سموريون ڊويزنز 13 ڏينهن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ڏين، ان قدم سان سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ خدمتن جي فراهمي ۽ ٻين معاملن بابت آگاهي ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزارت، ??وو??سيز پاڪستانين و??ري وزارت ۽ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت پنهنجي طور تي به سهولت جي آگاهي ڏينديون.