اس??ام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پا??ستان سميت ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن تمام اهم آهي ۽ اهو افغانستان جي عوام ۽ پا??يسري ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”دختر پا??ستان بيانيو“ جي پذيرائي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پرامن افغانستان جو افغانستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ ف??ئدو پا??ستان کي ٿ??ندو. هن چيو ته پا??ستان چين ۽ آمريڪا سميت دنيا وانگر اها خاطري چاهي ٿ?? ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن تمام اهم آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن سان نئين سر تعمير ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ پا??ستان ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.