اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) برطانوي وزيراعظم بورس جانسن وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زو?? ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زو?? ڏنو ته سمورن افغانين جو تحفظ، سلامتي ۽ حقن جو احترام يقيني بڻائڻ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ هڪ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زو?? ڏنو. وزيراعظم عمران خان افغانستان مان سفارتي، عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغانستان ۾ تبديل ??يندڙ صورتحال جي حوالي سان رابطن ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻطرفي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان پاڪستان پاران ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ ج?? لاءِ کنيل ??سيع قدمن تي روشني وڌ?? ۽ ??يو ته لاڳاپيل ڊيٽا برطانيا سان شيئر ڪئي وئي هئي. وزيراعظم بورس جانسن کان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ ج?? مطالبو پڻ ڪيو آهي.