اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ تربيلا پنج توسيع منصوب?? جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربيلا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تربيلا 5 توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر جي ل??ڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوب?? جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهن، منصوبو صرف ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀ??جڻ جي خطرن کان محفوظ بڻائي، پراجيڪٽ جي ڪري تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنياد تي پاڻ?? جي دستيابي جاري رهندي. تربيلا 5 توسيع منصوبي سان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي به حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. تربيلا پنج توسيع منصوب?? جي تعمير جي ڪري ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوب?? جي ڪري تربيلا کان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاو??ٽ ٿي ويندي، تربيلا پنج توسيع منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائ?? جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.