اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ڊليوري يونٽ کي 32 وفاقي ادارن جي عو??مي ڪچهرين جي پهرين ٽه ماهي رپورٽ م??ي وئي آهي. وزيراعظم ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي 32 وفاقي ادارن 955 ڪچهريون منعقد ڪرايون، رپورٽ ۾ تعليم واري و??ار??، مواصلات جي ذيلي ادارن، موٽر وي پوليس، اين ايڇ اي، نادرا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو آهي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ريلوي آفيسرن کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي ۽ ڪارڪردگي بهتر ب??ائڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم ڊليوري يونٽ موجب وفاقي ادارن جي ڪچهرين ۾ 6911 شڪايتن مان 4842 کي حل ڪيو ويو، ڪيترين ئي عو??مي شڪايتن کي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ادارن کي حل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، وفاقي ادارن بابت عو??مي آگاهي بابت 10060 ماڻهن جي سوالن تي رهنمائي ڪئي وئي. عو??مي ڪچهريون فيس بڪ لائيو ۽ سڌو سنئون ٽيليفون ڪالز تي ڪيون ويون، ادارن جي سربراهن عو??مي ڪچهرين جو انعقاد ڪيو.