اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پارلياماني اسيمبلي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل اسلام آباد پڌرنامي جي ڊرافٽ جي متقفه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀرپور مذمت ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو و??و آهي. اهو پڌرنامو ڪانفرنس جي پڄاڻي تي جاري ڪيو و??ندو. افغانستان ۽ ترڪيءَ جي تجويز تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي ٻي PAECO جنرل ڪائونسل جو متفقه طور تي صد?? چونڊيو و??و.