اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلين واري مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پا??ستان جي لاءِ وڏو اعزاز آهي، اهو وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي ڪوششن تي عالمي برادري جي اعتماد جو عڪاس آهي، پا??ستان ان حوالي سان وڌيڪ جامع قدم کڻندو. هو ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع ج?? تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم عمران خان تقريب جو خاص مهمان هو. زرتاج گل چيو ته ماحوليات جي حوالي سان پا??ستان جي لاءِ ٻه پهلو انتهائي اهم آهن، پهريون اهو ته ماحولياتي آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پا??ستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي، ٻيو اهو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن جي ڪري رونما ٿيندڙ قدرتي آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ هن جو شمار ٿيندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي ويزن رکي ٿو، ان مقصد جي لاءِ هن صاف ۽ سرسبز پا??ستان جو تصور پيش ڪيو جنهن جي روشني ۾ حڪومت ملڪي تاريخ جي وڏي منصوبي ۽ انقلابي پروگرام متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٽين بلين ٽري سونامي پروگرام تحت هيستائين هڪ ارب وڻ پوکڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي، ان منصوبي سان جتي ٻيلن جي رقبي ۾ اضافو ٿيندو اتي 85 هزار گرين روزگار جا موقعا به پيدا ٿيا آهن، هن چيو ته ماحول کي آلودگي کان بچائڻ جي ڪوششن جي سلس??ي ۾ بجلي تي هلندڙ گاڏيون متعارف ڪرايون پيون وڃن ۽ پاليسي تحت 2030ع تائين 30 سيڪڙو گاڏيون بجلي تي منتقل ٿي وينديون،