اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان صوماليه ج?? سفير مس خديجه محمد الامخدومي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اهم معاملن سميت عل??ئق??ئي صورتحال، واپ??ري ۽ اقتصادي تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب محمد صادق سنجراڻي چي?? ته پاڪستان صوماليه سان گڏيل لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن کي گهڻ رخي سطح تي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، سينيٽ چيئرمين چي?? ته صوماليه سان واپ??ري ۽ اقتصادي ۽ عوامي ۽ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي عا??مي فورمن تي حمايت ڪئي آهي جيڪو قابل تحسين آهي، سينيٽ چيئرمين چي?? ته عا??مي فورمن تي بهترين تعاون موجود آهي جتان مسئلن جي حل لاءِ نه رڳو قدم کنيا ويندا آهن پر گڏيل لائحه عمل به اختيار ڪيو ويندو آهي.