اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان اسلام آباد ۾ بنا سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪري وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪاروباري سرگرمين، ترقياتي ڪمن ۽ ڪورونا ايس او پيز ??ي عملدرآمد جو جائزو ورتو. وزيراعظم ٺي??هو هڻندڙن سان ملاقات ڪري انهن کان حالتون معلوم ڪيون، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عم??ان خان بنا پروٽوڪول گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪري جي اليون مرڪز جو دورو ڪيو جتي هن ٺي??هي وارن کان انهن جون حالتون معلوم ڪيون، ٺي??هي وارن احساس پروگرام تحت جڳهه فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم عم??ان خان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته توهان پهريان وزيراعظم آهيو جنهن عام مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جو احساس ڪيو، ٺي??هي جي لاءِ جڳهه فراهم ڪرڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا، وزيراعظم عم??ان خان ڪورونا ايس او پيز ??ي عملدرآمد جي تاڪيد ڪئي ۽ چيو ته سڀ ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن ۽ ڪاروبار سان گڏوگڏ پاڻ کي ان وبا کان به بچائين، وزيراعظم ضرورت جي شين جي قيمتن جو پڻ جائزو ورتو، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو، وزيراعظم پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪندي ۽ عام شهري وانگر سگنلز تي رڪندي آئي نائين پڻ ويو جتي هن سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ جو پڻ معائنو ڪيو.