اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر اس?? قيصر عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني معذوري جو شڪار عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻ??ئڻ جي لاءِ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، پارليامينٽ قانونسازي سميت خصوصي ماڻهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي ??هي?? آئون يقين ڏياريان ٿو ته پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجون سموريون ذميداريون پوري ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جسماني طور تي معذور عورتن جي ا??زاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي ت?? اسپيڪر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو اهڙو موقعو آهي ته ان جي ذريعي اس??ن معاشري جي خصوصي ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ کين معاشري جو فعال حصو بڻ??ئڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اس??ن ان سفر ۾ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن پارليامينٽ ۾ عورت ميمبرن جي گروپ ومين ڪاڪس جي چيئرمين منزه حسن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هن قانونسازي جي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي. پارليامينٽ جي سطح تي هن هيستائين کنيل قدمن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اس??ن خصوصي ماڻهن جي لاءِ آءِ سي ٽي به منظور ڪيو آهي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي ??هي?? جنهن جو مقصد قانونسازي ۾ جهولن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙيون سفارشون جوڙڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اسپيڪر اس?? قيصر چيو ته اسپتالن ۽ اهم تعليمي ا??ارن تائين به خصوصي ماڻهن جي پهچ يقيني بڻ??ئڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو ??هي?? پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ موجوده قانونن تي عملدرآمد لاءِ به ڪم ڪري رهي ??هي?? خصوصي ماڻهن جي لاءِ موبائيل ايپ به شروع ڪئي وئي آهي جنهن جي ذريعي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس سميت ٻي سروسز تائين انهن جي پهچ آسان ٿيندي.