پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن، وا??اري برادري ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افعانست??ن ۾ امن سان خيبرپختونخواه?? کي فائدو ۽ علائقائي وا??ار کي فروغ حاصل ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي ڪاروباري برادري سان ملاقات ۾ ڪيو. خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، ايف پي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر غضنفر بلور، سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر شير باز الياس ۽ چيمبر جا ٻيا عهديدار به موجود هئا. صدر چيو ته مڪمل ٽيڪس ادائيگي سان وا??اري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ مدد ملندي، وا??اري برادري ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، صدر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا دوران 1.2 کرب جو معاشي رليف پيڪيج ڏنو ويو آهي، حڪومت وا??اري برادري کي چٽاڀيٽي ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن. صدر چيو ته وا??اري برادري حڪومت سان رابطا وڌيڪ بهتر ڪري ۽ ڪاروباري ماحول جي بهتري لاءِ تجويزون ڏي. هن چيو ته پاڪست??ن ۾ سياحت ۽ آءِ ٽي شع??ي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.