اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاران گهٽ آمدني واري طبقي کي بنيادي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ پ??اهگاهون قائم ڪرڻ هڪ انقلابي ??دم آهي جنهن سان اهڙو گهٽ آمدني وارو طبقو فائدو کڻندو جيڪي رات جو فٽ پاٿ يا کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي. سخت موسمي حالتن ۾ زندگي گذاريندڙن جي لاءِ اهو قدم مديني جي ??ياست جي ماڊل جو هڪ مثال آهي جتي غريب طبقن جي ??قن جو تحفظ حڪومت جي ??نيادي ذميواري آهي. حقيقت ۾ ملڪ جي ??اريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ حڪومت پنهنجي ??وام جو ان طريقي سان خيال رکي رهي آهي. پناهگاهن ۾ لکين اهڙن ماڻهن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن جيڪي ڏهاڙي اجرت تي ڪم ڪري رهيا آهن. انهن کي ون اسٽار هوٽل جي ??رابر مفت رهائش ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. پناهگاهون قائم ڪرڻ جو اهو منصوبو پاڪستان تحريڪ انصاف پاران کنيل بهترين قدمن مان هڪ آهي جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ منشور جي هڪ ٻئي واعدي کي پورو ڪرڻ جو اظهار پڻ آهي. پاڪستان بيت المال وزيراعظم عمران خان جي مديني جي ??ياست جي نموني تحت پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي ويزن موجب پناهگاهن جي ??ديد طرز تي نئين سر ڙجوجڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت جي ??حساس پروگرام سان شروع ڪيل ان منصوبي تحت ضرورتمند ماڻهن کي پناهگاهن ۾ عارضي رهائش ڏيڻ سان گڏ ناشتو ۽ رات جو کاڌو پڻ فراهم ڪيو ويندو. ان منصوبي ??ان اهڙا شهري فائدو کڻي سگهندا جن وٽ شهر يا ڳوٺ ۾ پنهنجو گهر نه آهي يا اهي روزگار جي ??لسلي ۾ پنهنجي گهرن کان پري رهي رهيا آهن، بيروزگار مزدور، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو، غريب مسافر، مريضن جي ??ارسنڀال جي لاءِ گڏ ايندڙ ماڻهو ۽ شاگرد وغيره ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. 49.5 ملين رپين جي لاڳت سان ان پروگرام جي ??روعات هلندڙ سال ڪئي وئي هئي ۽ پهرين مرحلي ۾ ان جو دائرو اسلام آباد تائين محدود رکيو ويو آهي. ان منصوبي ??ان هيستائين هڪ لک 30 هزار 191 شهري فائدو کڻي چڪا آهن. ان منصوبي تحت پناهگاهون اهڙي جڳهه تي تع??ير ڪيون وينديون جتي ماحول دوست موسم ميسر هجي، عارضي يا نيم عارضي وسيع عمارت، رهائشگاهه ۾ پرفضا ماحول، آسان پهچ ۽ هر ڪمري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 20 ماڻهو رهائش اختيار ڪري سگهن، پناهگاهن جي لاءِ عمارتون رياستي زمين يا عطيو ڪيل زمين تي پڻ قائم ڪيون وينديون. هر پناهگاهه ۾ 100 ضرورتمند ماڻهن کي ناشتي جي فراهمي سان گڏ رهائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. هر پناهگاهه سينٽر ۾ 400 ماڻهن جي کاڌي جي گنجائش هوندي. پناهگاهه ۾ ضرورتمند ماڻهن کي 24 ڪلاڪ شروعاتي طبي امداد جي ??هولت ميسر هوندي. ضرورت پوڻ تي ڪنهن به ويجهي سرڪاري اسپتال مان طبي امداد پڻ ڏني ويندي. پناهگاهه ۾ صحتمند ماحول برقرار رکڻ جي لاءِ پ??ئڻ جي ??اف پاڻي جي فراهمي، واش رومز ۽ باٿ رومز سان گڏ اڱڻ جي ??فائي سٿرائي جو خاص طور تي خيال رکيو ويندو. پناهگاهن مان فائدو کڻندڙ شهرين جي ??ارسنڀال جي لاءِ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم جوڙيو ويندو جيڪو موثر ۽ شفاف پهچ جي ??ريقيڪار جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.