اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مذهب تي سياست چمڪائڻ، شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائڻ ۽ قومي مفاد کي وڪرو ڪندڙ هاڻي ڪشمير تي سياست ڪري رهيو آهي، آزاد ڪشمير جي وزي??اع??م عمران خان جي اتساهڻ تي منگلا ڊيم جي مرمت جي منصوبي جي تقريب ۾ افسوسناڪ حرڪت ڪئي، عمران خا?? پنهنجي ٻڏندڙ سياست خاطر آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي بهتري جي منصوبي جي تقريب کي منفي رنگ ڏيڻ جي گهٽيا ۽ مذمت جوڳي چال هلي، سائفر جا منٽس تبديل ڪري قومي مفادن کي ٺيس پهچائيندڙ ”ڪاريگر“ سان ٻي اميد ئي ڪهڙي ڪري سگهجي ٿي؟. عمران خان جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته توشه خانه ڦرڻ ۽ گهڙيون کپائيندڙ هاڻي ڪشمير جي نالي تي پنهنجي گندي ۽ بي شر?? سياست ڪري رهيو آهي، ڪشمير فروش وزي??اع??م شهباز شر??ف کي نه ٻڌائي ته ڪشمير جي مسئلي تي ڇا ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪشمير تي هڪ ڪلاڪ اٿ ويهه ڪرڻ ۽ رستن ۽ چوڪن جا نالا تبديل ڪندڙ قومي مفاد تي راند کيڏي رهيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته افسوس آزاد ڪشمير جي وزي??اع??م پنهنجي منصب جو خيال نه رکيو ۽ نه ئي ڪشمير جي مسئلي جي نزاڪت جي پرواهه ڪئي، ذاتي، پارٽي ۽ سياسي مفادن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي ان ڀونڊي انداز ۾ استعمال ڪرڻ مناسب نه هو، ان کي ان جو خيال رکڻ گهرجي ها ته هو آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزي??اع??م جي منصب تي فائز آهي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته آزاد ڪشمير جي وزي??اع??م ڄاڻي واڻي وزي??اع??م جي تقريب دوران مداخلت ڪئي، وزي??اع??م شهباز شر??ف نرمي سان کيس چوندو رهيو ته اسان ويهي ڳالهه ڪنداسين. وزي??اع??م شهباز شر??ف ان کي اهو به چيو ته ڪو مسئلو آهي ته هو آزاد ڪشمير جي وزي??اع??م سان ملي ان کي حل ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزي??اع??م شهباز شر??ف هر عالمي فورم تي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي مفادن جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم سميت هر عالمي علائقائي فورم تي ڪشمير جي مسئلي کي پوري قوت سان اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته ڪاش آزاد ڪشمير جو وزي??اع??م ان جرئت جو اظهار پنهنجي ڪشمير فروش قائد آڏو ڪري ها. ڪشمير فروش جي نالائقي، نااهلي ۽ سازش جي ڪري ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جو غيرقانوني قدم کڻڻ جي جرئت ٿي. ڪشمير فروش مودي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي جون دعائون ڪندو رهيو. ڪشمير فروش چوي ٿو ته مودي جو ٻيهر چونڊجڻ تي ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي سڄو پاڪستان متحد ۽ هڪ آواز آهي، ان حساس معاملي کي سياسي ۽ پارٽي ورڇ جي ور نه چاڙهيو، مهرباني ٿيندي.