شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ يورپي يونين جي صدر چارلس مائيڪل مل??قا?? ڪئي. چارلس مائيڪل پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان?? ۽ ??يمتي ا??ساني جانين جي زيان تي ا??سوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ يورپي يونين جي احساس ۽ امداد کي ساراهيو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي تبديلين جا تباهي آڻيندڙ اثر سمورن ملڪن جي اتحاد جا گهرجائو آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ وانگر موسمياتي تبديلين جي خلاف عالمي اتحاد گهربل آهي، فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ ۾ يورپي يونين جي تعاون کي ساراهيون ٿا، پاڪستا?? ۽ ??ورپي يونين ۾ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهيون، يورپي يوني?? ۽ ??اڪستان جي حصيداري ۽ ٻطرفو تعاون ماضي ۾ گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي جي اعتماد ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند ۽ منتظر آهيون، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين جون ڪوششون ساراهه جوڳيو?? آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.