اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزارت ڪينيا ۾ ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف ??ي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت ڪئي آهي. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر کي 24 آڪٽوبر جي صبح ارشد شريف جي موت ??ي ابتدائي خبر ملي. بيان موجب هاءِ ڪمشنر ان جي موجب پوليس عملدارن ۽ گهرو وزارت کانسوا??ِ ٻين کاتن جي سينيئر عملدارن سان رابطو ڪيو، جڏهن ته تصديق جي لاءِ ڪينيا جي نائب صدر جي آفيس سان به رابطو ڪيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪينيائي ڄائي پاڪستانين کي به متحرڪ ڪيو ويو. مشن کي ٻڌايو ويو ته لاش نيروبي جي چيرو موفيونرل هائوس ۾ آهي. بيان موجب هاءِ ڪمشنر مشن جي آفيسرن سان گڏ اتي پهتي ۽ هن ارشد شريف جي ميت ??ي سڃاڻپ ڪئي. وقتي ??رڏ??هي سيڪريٽري ارشد شريف جي گهروارن سان ملاقات ڪئي ۽ ان افسوسناڪ خبر جي تصديق ڪندي ??رڏ??هي وزير ۽ ??رڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير پاران انهن سان دلي تعزيت ??و اظهار ڪيو. مرحوم جي گهروارن کي ??رڏ??هي وزارت پاران هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي آهي. بيان موجب پوليس رپورٽ سميت وڌيڪ ڪارروائي جو انتظار آهي. هاءِ ڪميشن ميزبان عملدارن سان گڏ??ي ارشد شريف جي ميت ??ي جلد وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪندي.