آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجا?? جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته توانائي جو شعبو موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي جڏهن ته وزيراعظم ۽ آذربائيجا?? جي صدر ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاو?? جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سيڪا ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجا?? جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي، زراعت، رابطي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ويجهي ۽ خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهب??ز شريف صدر عليوف کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر لکين ماڻه?? جي بحالي ۽ غيرمعمولي موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن سان تباهه ٿيندڙ انه?? جي روزگار جي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان بيٺل فصل کي پهچندڙ نقصان ۽ ايندڙ ڪٽائي جي موسم ۾ پوکيءَ نه ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خطرو وڌي ويو آهي، ان خطري کان بچڻ ۽ ملڪ ۾ زرعي پيداوار کي بحال ڪرڻ جي لا??ِ يوريا جي درآمد ضروري هئي. آذربائيجا?? جي صدر ان ڏس ۾ پنهنجي مڪمل تعاو?? جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهب??ز شريف ڄمون ۽ ڪشمير تي آذربائيجا?? جي ٺوس موقف ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبر طور ا?? جي اڻٿ?? ڪردار کي ساراهيو. هن اڳوڻي نگورنو ڪاراباغ تي آذربائيجان سان پاڪستا?? جي اصولي حمايت کي ورجايو ۽ ڏکڻ قفقاز ۾ ڊگهي مدي ۽ پائيدار امن آڻڻ جي لاءِ صدر الهام عليوف جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪارائتي تعاو?? جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مصروفيتن کي تيز ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ رابطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف قدم?? جي اڳڀرائي جو جائزوورتو. وزيراعظم توانائي جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو ا?? جي حڪومت جي لاءِ هڪ اعليٰ ترجيحي شعبو آهي. وزيراعظم پيٽروليم واري مملڪتي وزير کي آذربائيجان ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي تعاو?? جي لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو آهي جنهن گذريل مهيني باڪو جو دورو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهب??ز شريف علائقائي رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سربراهي سطح تي مشاورت جي تجويز پيش ڪئي جنهن جو مثبت جواب ڏنو ويو. سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند، ازبڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم کانپوءِ ٻنهي اڳواڻ?? جي هي ٻي ملاقات هئي جنهن پاڪستان ۽ آذربائيجا?? جي وچ ۾ هم آهنگي جي عظيم روايت کي برقرار رکندي گهڻ رخي اقتصادي رابطن ۽ تعاون کي متحر?? ڪرڻ جو هڪ ٻيو نتيجاخيز موقعو فراهم ڪيو.