اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت کي ملڪي معيشٽ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي جي ترقي لاءِ حڪومت ايندڙ هفتي تاريخي آبادگار پئڪيج جو ??علان ڪندي، هن لاڳاپ??ل وزيرن جي ڪميٽي کي آبادگار نمائندن سان گڏجي انهن جا مسئلا موثر انداز ۾ حل ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل سفارشون جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم آبادگارن جي مختلف وفدن سان انهن جي مسئلن جي حل لاءِ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبر راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظ?? زرعي شعبي کي ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ۽ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ملڪ ۾ ان شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موجوده معاشي حالتن جي ڏس ?? هر ممڪن ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو ??ظهار ڪيو. هن ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ آبادگار ڪانفرنس ۾ تاريخي آبادگار پئڪيج ڏيڻ جو ??علان ڪيو. وزيراعظم انهن کي پنهنجي پنجاب جي خادم اعليٰ جي حيثيت سان زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگار ڀائرن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جو ??والو ڏيندي ياد ڪرايو ته هن ڪهڙي طرح سدائين آبادگارن جي مفادن جو ??حفظ ڪيو ۽ انهن کي بجلي جي بلن جي ادائيگي، ڀاڻ جي فراهمي ۽ زرعي اوزارن جي خريداري تي سبسڊي فراهم ڪئي.