اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال، چيئرمين اين ڊي ايم ليفٽيننٽ جنرل اخترنواز، وفاقي وزير نيشنل فوڊ ??يڪيورٽي اينڊ ريسرچ طارق بشير چيما، ??وبائي سيڪريٽري زراعت سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ ربيع جي فصل خاص طور تي ڪڻڪ ۽ تيلي ٻجن جي رٿابندي ۽ آبادگارن کي رليف پهچائڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو، مت??ثر علائقن ۾ ڪڻڪ ۽ تيلي ٻج جي ور?? جي مڪينزم ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان قدمن جو جائزو به ورتو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته مت??ثر علائقن ۾ ٻجن جي ور?? جي عمل کي هر صورت ۾ شفاف بڻايو ويندو. فورم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پوک جي لائق ايراضي جو وڏو حصو مت??ثر ٿيو آهي. بوڏ جي صورتحال کي پوکي جي حوالي سان موقعن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بلوچستان جي اختيارين ٻڌايو ته ٻجن لاءِ آبادگارن کي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. فورم چيو ته جن علائقن ۾ 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال ٿي ويندو ته ڪڻڪ پوکي ويندي، جڏهن ته 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ته اتي تيلي ٻج پوکيا ويندا. پاڻيءَ هيٺ آيل ايراضيءَ کي پوک جي قابل بڻائڻ لاءِ ڪوالٽيٽو جائزو ورتو ويندو ته جيئن امدادي سرگرمين جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. احسن اقبال چيو ته صوبن جي ضرورت جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. نيشنل فوڊ ??يڪيورٽي واري وفاقي وزير فورم کي ٻُڌايو ته ٻج ججهي مقدار ۾ موجود آهي، ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ جتي ضرورت ٿي ٻج فراهم ڪنداسين، سنڌ ۽ بلوچستان جي مت??ثر علائقن ۾ فوري ڪم شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. فورم ??دا??ت ڏني ته صوبا 10 آڪٽوبر تائين پوک جي قابل ايراضي ۽ ٻج جي ضرورتن کان آگاهه ڪن.