اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي لاءِ يونان مان پهرين امدادي اڏام پاڪستان پهچي وئي. يونان مان امدادي سامان کڻي اها اڏام ڪراچي جي جناح ??نٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. پرڏيهي آفيس موجب امدادي کيپ پاڪستان ۾ يونان جي اعزا??ي قونصلر اياز محمد لاکاني، پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جي نمائندن سان گڏجي وصول ڪئي. پاڪستان يونان پا??ان امداد جي آجيان ڪئي آهي.