اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري ??ملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڪئنا??ا جي عالمي ترقي واري ??زير هرجيت سجن جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪينيڊين وزير ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ پنهنجي گهري ??مدردي جو اظهار ڪيو ۽ جلد کان جلد بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اميد ڪئي. پرڏيهي معاملن واري ??ملڪتي وزير حنا رباني کر نازڪ وقت ۾ ڪينيڊين وزير جي پاڪستان جي دوري کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. هن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪيو جنهن 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو?? بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪيو ۽ 4 ملين ايڪڙ فصلون لُڙهي ويون. هن چيو ته ان آفت جا پاڪستان ۾ غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا منفي اثر پوندا. مملڪتي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان عالمي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي بحران جو شڪار آهي. هن موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ عالمي برادري ??اران متحد ۽ فيصلائتي ڪارروائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. مملڪتي وزير چيو ته جيتوڻيڪ حڪومت بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ مصروف آهي، نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لا??ِ عالمي برادري ??اران وسيلن جي موثر متحرڪ ۽ ڊگهي مدي واري ??زم جي ضرورت هوندي. پاڪستان ۽ ڪئنا??ا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان ۾ ڪئنا??ا جي ترقياتي منصوبن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڪينيڊين وزير چيو ته ڪئناڊا ٻوڏ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي لچڪدار ڍانچي جي تعمير لا??ِ ڪوششن ۾ پاڪستان جي مدد لا??ِ پر??زم آهي. هو ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي سطح جو جائزو وٺڻ لا??ِ ڪئنا??ا جي هڪ وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وفد ۾ ڪينيڊين پارليامينٽ جا ٽي پاڪستاني ڄاوا ميمبر اقرا خالد، سلميٰ زاهد ۽ شفقت علي پڻ شامل هئا.