پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين سان گڏ بيٺل آَهي ۽ آخري متاثر شخص جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين ڪوششون جاري رکندي. هتي ميران ڊيره اسماعيل خان ۾ ٻوڏ متاثرين کي خطاب ڪندي وزيرا??ظم چيو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙ هر هڪ وارث کي 10 لک رپين جي امداد فراهم ڪري رهي آهي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت 8 لک رپيا فراهم ڪري رهي آهي. تباهه ٿيندڙ هر گهر جي لاءِ 5 لک رپيا ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيندڙ گهر جي لاءِ اڍائي لک رپيا فراهم ڪيا ويندا ته جيئن ٻوڏ متاثرين کي پن??نجي گهرن جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته معاوضي جي رقم فوتي جي زندگي جو متبادل نه آهي پر ان جي پونئيرن جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٻوڏ متاثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، بلوچستان ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي جتي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هر فوت ٿيندڙ جي وارث کي 10، 10 لک رپيا معاوضو فراهم ڪري رهيون آهن. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي مدد سان هڪ گڏيل سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن چوپائي مال، فصلن ۽ ٻين ٻوڏ سبب ٿيندڙ نق??انن جو اندازو لڳائي سگهجي. سروي سان ٻوڏ کان متاثر سمورن مستحق ماڻهن کي معاوضو فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ٻوڏ خاص طور تي بلوچستان ۾ مواصلاتي انفراسٽرڪچر بشمول پلين کي پڻ متاثر ڪيو آهي جن جي نئين سر تعمير جي لاءِ سروي پڻ ڪرائي ويندي. وزيرا??ظم چيو ته ٻوڏ تي ڪا سياست نه ڪئي ويندي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان اڳ وزيرا??ظم کي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امدادي ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين ٻڌايو ته تازي طوفاني برساتن ملڪ ۾ 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي جنهن سان سڀ کان وڌيڪ بلوچستان متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آرمي، فرنٽيئر ڪراپس، سول ايڊمنسٽريشن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن اين ڊي ايم اي کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو آهي جنهن ڊي آءِ خان ۽ ٽانڪ ضلعي سميت خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته تازي ٻوڏ سبب ڊي آءِ خان جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ميران جو علائقو آهي ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نق??انن جي سروي جاري آهي جتي ٻوڏ سبب ڪا به فوتگي ناهي ٿي جڏهن ته 293 گهرن کي نق??ان پهتو ۽ 1720 ايڪڙ تي فصلون متاثر ٿيون. بعد ۾ وزيرا??ظم ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي ۽ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ان کان اڳ وزيرا??ظم ٽانڪ ضلعي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو جتي هن متاثرين سان ملاقات ڪئي. کيس ٽانڪ ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نق??انن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم سان گڏ پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود، وزيرا??ظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، پي ايم ايل اين ۽ جي يو آءِ ايف جي قيادت پڻ موجود هئي.