اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مختلف ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ وفد پارليامينٽ هائوس پ??چڻ شروع ٿي ويا. ترڪيءَ جو پريهي وزير ميولوت ??اوش اولو اجلاس ۾ شرڪت جي لا??ِ پارليامينٽ هائوس پهتو ته پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي ترڪ هم منصب جي آجيان ۽ ترڪ هم منصب کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ مبارڪباد وارن جملن جي ڏي وٺ ٿي، مهمانن جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي معزز پرڏيهي وزيرن جي آجيان ڪري رهيو آهي. مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير وڏي انگ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لا??ِ پاڪستان اچي چڪا آهن. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندو.