اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته مستقبل جو عالمي نظام اخلاقيات، انصاف ۽ انساني همدردي تي ٻڌل هجڻ گهرجي، موجوده ورلڊ آرڊر ۾ دولت ۽ طاقت کي اهميت حاصل آهي، جڏهن ته انسانيت جي ضرورت اخلاقي ق??ر آهن، ڪاروبارن ۾ به انهن رخن کي نظر ۾ رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ٽيلي نار ??اڪستان جي اهتمام هيٺ ”اخلاقيات ۽ ڪاروبار“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيلي نار ??اڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عرفان وهاب به ان موقعي تي خطاب ڪيو. صدر ڪاروباري شعبي ۾ اخلاقي اصولن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??يو ته ڪاروبار ۾ منافعي سان گڏوگڏ ورڪرن جي حقن جي تحفظ، مالياتي لحاظ کان پائيداريت، انساني همدردي ۽ انصاف جي رخن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن دنيا ۾ مختلف معاشي نظامن جي ڀيٽ پيش ڪندي ??يو ته ڪاروبار ??نافعي لاءِ ئي ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ ان سان گڏوگڏ ٻين معاشرتي ذميدارين تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان بل گيٽس اينڊ ميلنڊا فائڊيشن جو مثال موجود آهي، هن ??يو ته بدعنواني صرف مالي ناهي ٿيندي پر ان جا ٻيا ا??لاقي ۽ معاشرتي پاسا به آهن، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جعلي خبرن سان ٿيندڙ نقصان به اسان جي سامهون آهن، صدر ??يو ته موجوده دور ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ملڪي پاليسين ۽ فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، عالمي معاملن ۾ مفادن کي ترجيح حاصل آهي، جڏهن ته دنيا جي امن ۽ انسانيت جي مستقبل جي لاءِ اخلاقي اصولن جي بنياد تي ف??صلا ڪرڻ جي اهميت آهي، ان تناظر ۾ دنيا کي هڪ نئين نظام جي ضرورت آهي، جيڪو اخلاقيات ۽ انساني همدردي جي اصولن تي ٻڌل هجي. ان کان اڳ ٽيلي نار جي سي اي او عرفان وهاب صدر جي آجيان ڪئي ۽ ??يو ته ٽيلي نار کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندي 17 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان مناسبت سان اسان ڪاروبار ۾ اخلاقيات ۽ شفافيت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششن جو آغاز ڪيو آهي.