اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي نظام ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ علاج بدران بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ??يڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه ڪراچي ۾ سينٽر آف انوويشن ان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ آغا خان يونيورسٽي جي سينيئر قيادت جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. صحت جي نظام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخ تي روشني وجهندي هن چيو ته مهانگي علاج جي ڪري ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو ??سپ??الن خاص طور تي نجي ??سپ??الن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت جي نظام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخن کي فروغ ??يڻ جي لاءِ آغا خان يونيورسٽي سميت اسان جي ??سپ??الن کي ان رجحان طرف پنهنجو ڌيان ??يڻ گهرجي. صدر چيو ته ڊينٽسٽري جا 80 سيڪڙو عنصر آن لائين يا ورچوئل آهن. ملڪ ۾ نرسنگ عملي جي انگ ۾ نمايان اضافي جي لاءِ ڪيترائي نرسنگ ڪورسز ۽ پروگرام آن لائين ڪرائي سگهجن ٿا. صدر چيو ته چين عوام جي صحت جي نظام ۾ بهتري جي ذريعي پنهنجي 80 ڪروڙ شهرين کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. صدر آغا خان يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته اهي معياري ۽ ٺوس عوام جي صحت جو نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ مفڪرن، ماهرن جو گروپ قائم ڪري. ان کان اڳ صدر کي آغا يونيورسٽي پاران بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت ??دم??ن، امتحانن جي نظام ۽ تحقيق بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت ??دم??ن، امتحانن جي نظام ۽ تحقيق جي شعبي ۾ ڪم جي ذريعي سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان هي يونيورسٽي هڪ قومي اثاثو آهي. صدر آغا خان يونيورسٽي جي ??دم??ن کي ساراهيو ۽ ان کي ملڪ جي ٻين اهم ??سپ??الن جي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو.