اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خص??صي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ??رجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي قدمن تي مقرر ڪيل مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم کي ??سپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، بولان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي مڪمل طور تي فعال ٿي چڪا ۽ اتي ص??عت?? جي تعمير تي تيزي سان ڪم جاري آهي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زونز تي به ڪم ت??زي سان جاري آهي ۽ ان کي ??لد فعال بڻايو ويندو، اجلاس کي ??سپيشل اڪنامڪ زونز ۾ ص??عت?? لاءِ موجود زمين ۽ 130 ڪمپنين کي ????عت?? جي تعمير لاءِ 1500 ايڪڙ زمين جي 2021ع ۾ منظوري ۽ الاٽمينٽ جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فعال اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، وزيراعظم خص??صي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ??رجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر?? چوڌري فواد حسين، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر حسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.