اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غر??ب ملڪن جو عالمي استحصال بند ڪيو وڃي، موجوده عالمي نظام ۾ سر??ائ?? جي غيرمنصفاڻي ورڇ وڏو مسئلو آهي، دنيا ۾ وڌندڙ غربت سان عالمي امن کي سخت ??طرا آهن، ڪوويڊ 19 دوران پاڪستان سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي تي عمل ڪندي ان تي ضابطو آندو، احساس پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو غربت جي خاتمي جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي اعليٰ سطح جي غربت جي خاتمي بابت فورم کي خطاب ڪ??دي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري اقتصادي واڌويجهه جي شرح ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي.