اسلام آباد – 29 آگ??ٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ??ي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون ??ي مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان طرفان ڪراچي ??ي مسئلن جي حل لاءِ ان کان اڳ ڪيل ٽوئيٽس جي باري ۾ چيو ته وفاقي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ سهڪار جو فيصلو مثبت اڳڀرائي آهي، هن چ??و ته ان فيصلي سان س??نوڻي جي برسات سبب ڪراچي ۾ موجود بحران جي حل ۾ مدد ملندي پر ان س??ن مستقبل ??ي منصوبابندي ۾ به مدد ملندي، صدر چيو ته ان مثبت اڳڀرائي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ موجوده شديد ترين بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڻي جي نيڪاسي جي نالن، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل فيصلا ڪري سگهبا.