اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته حڪومت ايم 8 م??ٽر??ي تي تعميراتي ڪم پهرين ترجيح طور تي ڪندي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي اڳ ۾ ئي ايم 8 م??ٽر??ي جي 26 ارب جي لاڳت جي 146 ڪلوميٽر هوشاب آواران ??صي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. ايم 8 م??ٽر??ي سکر لاڙڪاڻي کي گوادر سان ڳنڍيندو جيڪ?? هن وقت تعمير هيٺ آهي جڏهن ته گوادر ۽ هوشاب 193 ڪلوميٽر ??صي جي تعمير جو افتتاح فيبروري 2016ع ۾ ڪيو ويو هو. اهو منصوبو سنڌ صوبي ۾ رتوديرو کان ??روع ٿئي ٿو ۽ خضدار، آواران، هوشاب ۽ تربت کان ٿيندو بلوچستان ??وبي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سامونڊي شهر گوادر جي بلڪل اوڀر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ و?? ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.