اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ 98 سيڪڙو معاملن تي سمورن صوبن جو اتفاق راءِ هو، سواءِ سنڌ جي سمورن صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان هڪ زبان ۽ هم آواز ٿي وزيراعظم جي ان سوچ کي اڳتي وڌايو، سنڌ حڪ??مت بنا مشاورت جي سڀ کان اڳ لاڪ ڊائون ڪيو ان جي باوجود سنڌ ۾ڪورونا وائرس جا تصديق ٿيل ڪيس، ڪورونا وائرس جي وينٽيلٽر تي پيل ماڻهو، فوتگيون ۽ ڪورونا جو ڦهلاءُ سمورن صوبن کان وڌيڪ آهي، وفاقي حڪ??مت سنڌ جي شهرين کي بي يارو مددگار سنڌ حڪ??مت جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، اندرون سنڌ سميت سڄي سنڌ ۾ هر طرف بک، بدحالي، بيروزگاري عروج تي آهي، ڪورونا کان بچڻ جي لا??ِ احتياط ئي واحد علاج آ??ي، حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ عوام کي به احتياط لا??ِ عملي حصيدار بڻجڻو پوندو، عوام حڪ??مت سان گڏجي ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيندي. هو پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪورونا وائرس سان واڳيل چئلينجز جي حوالي سان قومي بيانيو ۽ قومي حڪمت عملي جوڙي وئي، ان حڪمت عملي جو محور ۽ مرڪز اهو آهي ته ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لا??ِ وفاق ۽ صوبا حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪن ۽ ڪورونا جي ڦهلاءُ کي محدود ڪرڻ جي لا??ِ وبا سان واڳيل احتياط کي ڏاهپ ذريعي عوام ۾ باور ڪرايو وڃي ته اهو مرض ناقابل علاج آ??ي، ڪورونا کان بچڻ جي لا??ِ احتياط ئي واحد علاج آ??ي.