اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته خالد مقبول صديقي جي وفاقي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم عمرا?? خان وزيرن جي قلمدانن ۾ تبديلي ڪئي آهي جڏهن ته نئين وزيرن کي پڻ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سيد فخر امام کي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير، مخدوم خسرو بختيار کي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير، حماد اظهر کي ص??عت وارو وفاقي وزير، اعظم سواتي کي منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير، ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي پارلياماني معاملن وارو صلاحلڪار ۽ امين الحق کي ٽيلي ڪميونيڪشن جي وفاقي وزير جا قلمدان ڏنا ويا آهن.