اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معزو طرفان مبارڪن جي پيغامن تي ساڻس ٿورن جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو ته هو مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.