اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهي?? ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن شهيدن کي ملڪ تي جان نڇاور ڪرڻ ??ي قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قوم جي خاطر پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ ??ي قوم شهيدن جي خاندانن جي ٿورائتي رهندي. صدر 6 نومبر تي سن??ا پل، خيبرپختونخواهه ۾ حملي جي نتيجي ۾ شهي?? ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي نائيڪ خوشدل خان، لانس نائيڪ عبدالقدير خان ۽ رفيق خان جي گهرڀاتين سان پڻ رابطو ڪيو. صدر 29 آڪٽوبر تي ضلعي آواران، بلوچستان ۾ شهي?? ٿيندڙ نائب صوبيدار آصف عمران ۽ سپاهي عرفان علي کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 18 آڪٽوبر تي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ۾ حملي ۾ شهي?? ٿيندڙ سپاهي فرمان علي جي وارثن کي پڻ ٽيليفون ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.