اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ٽريزري بلز جي نيلامي مان 434 ارب رو??يا حاصل ڪيا جيڪي هدف جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب ٽريزري بلز سبب وصولين جو هدف 250 ارب رو??يا مقرر ڪيو ويو هو، ٽن مهينن جي ٽريزري بلز تي مناف??ي جي شرح 11.68 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا 24 ڊسمبر جي نيلامي جي ڀيٽ ۾ 22 بيس پوائنٽ گهٽ آهي. ٽن مهينن جي ٽريزي بلز جي نيلامي مان 98 ارب رو??يا حاصل ڪيا ويا، 6 مهينن جي ٽريزري بلز جي نيلامي مان 122.9 ??رب رو??يا حاصل ڪيا ويا، ان تي مناف??ي جي شرح 11.78 سيڪڙو آهي جيڪا 24 ڊسمبر تي ٿيل نيلامي جي ڀيٽ ۾21 بيس پوائنٽ گهٽ آهي. هڪ سال جي ٽريزري بلز جي نيلامي مان 212.7 ارب رو??يا حاصل ڪيا ويا جن تي مناف??ي جي شرح 11.80 سيڪڙو آهي جيڪا 24 ڊسمبر تي ٿيل نيلامي جي ڀيٽ ۾ 50 بيس پوائنٽ گهٽ آهي.