اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهڻ ج?? امڪان آهي، اتر اوڀر پنجاب ۾ وچولي کان شديد جڏهن ڏکڻ پنجاب ?? اپر سنڌ ۾ هلڪي کان وچولو ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ ج?? امڪان آهي. موسميات کاتي مُوجب 9 جنوري خميس ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌي رهڻ ج?? امڪان آهي. بعد ۾ ٻنپهرن جو ملڪ جي اڪثر ڏاکڻي/ وچولي علائقن ۾ تيز هوائون هلڻ ج?? توقع. صبح/ رات جي وقت ۾ اتر اوڀر پنجاب ۾ وچولي کان شديد جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ?? اپر سنڌ ۾ هلڪي کان وچولو ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ ج?? امڪان آهي، صبح جي وقت ۾ ڪشمير، خيبر پختونخواجي مٿانهين وارن، پوٺوهار خطي ۽ پنجاب جي مٿانهين وارن ڪجهه علائقن ۾ ڪوهيڙو پوڻ ج?? امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهي. اوڀر پنجاب ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 13، است??ر ۾ ڪاٽو 11، ڪالام ۾ ڪاٽو 09، گوپس ۾ ڪاٽو 08، قلات، اسڪردو ۾ ڪاٽو 07، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 06، هنزه ۾ ڪاٽو 05، دروشن، چت??ال، گلگت ۽ پاراچنار ۾ ڪاٽو 03 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.