اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قانو?? ۽ ??نصاف واري وفاقي ??زير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پ??رليامينٽ طرفان جاچ اِدارن جي قيام جي حوالي سان قانونسازي آئيني اسڪيم ۾ شامل آهي، صوبن ۾ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ صوبن جو مينڊيٽ آهي، ان حوالي سان صدر مملڪت جون ه??اي??ون به آهن، اسان ان حوالي سان احتياط ڪريون ٿا. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ حنيف عباسي رٿ پيش ڪئي ته جديد علم ۽ ٽيڪنالاجيز بابت ويسٽ منسٽر يونيورسٽي بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جڏهن ته ثمينه خالد گهرڪي طرفان اهو بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بابت رٿ پيش ڪئي وئي. جنهن تي قانو?? ۽ ??نصاف واري وفاقي ??زير راءِ ڏني هئي ته صوبن ۾ يونيورسٽين جو قيام صوبن جو آئيني حق آهي. پارليامينٽ طرفان جاچ ادارن جو قيام آئيني اسڪيم ۾ شامل آهي، جڏهن ته صدر مملڪت پڻ ان حوالي سان ه??اي?? نامو جاري ڪيو آهي ته وفاق ڪنهن به صوبي ۾ يونيورسٽيءَ جي قيام جو بل آڻڻ کان پهريان حدن جو تعين ڪيو وڃي. بعد ۾ ميمبرن جي چوڻ تي اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.