اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف عالمي دنيا پاران اسرائيل جو سخت احتساب نه ٿيڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ والاريل ع??ائقن ۾ مصيبت ۾ ورتل فلسطيني عوام جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي بنا روڪ فراهمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير ڊاڪٽر ظهير محمد حمدالله زيد وزير??عظ?? هائوس ۾ ملاقات ڪئي. فلسطيني سفير جي آجيان ڪندي وزير??عظ?? فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق، آزادي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مُسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ه?? معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ خاص طور تي 7 آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ خراب ٿيندڙ صورتحال جنهن جي نت??جي ۾ 43000 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيو ۽ 105000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جي قدمن جي پاڪستان جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪيو. وزير??عظ?? عالمي دنيا پاران اسرائيل جو سخت احتساب نه ٿيڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ والاريل ع??ائقن ۾ مصيبت ۾ ورتل فلسطيني عوام جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي بنا روڪ فراهمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. وزير??عظ?? فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو ته پوري پاڪستاني قوم بهادر فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي. وزير??عظ?? گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل تي ٻڌل منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جنهن جي سرحدن جو تعين 1967ع کان اڳ جي بنياد تي هجي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي. سفير ڊاڪٽر ظهير محمد حمدالله زيد فلسطيني عوام جي موجوده مشڪلاتن ۾ پاڪستان جي ثابت قدم حمايت سان گڏوگڏ فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ساراهيو. هن وزير??عظ?? جي ذاتي قيادت ۽ فلسطين جي لاءِ حمايت سان گڏوگڏ انتهائي ضروري انساني امداد فراهم ڪرڻ ۽ فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وظيفن جي فراهمي تي ٿورا مڃيا. وزير??عظ?? فلسطيني سفير جي پاڪستان ۾ مقرري جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس هر وقت پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.