اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي مالي سال 25-2024ع جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في ??ونٽ واڌ جي منظوري ڏيندي فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. نيپرا ترجمان ڪالهه جاري ڪيل بيان ??وج?? ڊسڪوز نيپرا ??ي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي درخواست ڏني هئي، جنهن تي اٿارٽي مالي سال 25-2024ع جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تي 20 نومبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي هئي. اٿارٽي ڊيٽا جي جاچ پڙتال کانپوءِ ڊسڪوز جي صارفين لاءِ پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في ??ونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي، جيڪو صرف ڊسمبر جي مهيني لاءِ بلن ۾ لاڳو هوندو، ان کان اڳ مالي سال 24-2023ع جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ صارفين کان ايوريج 1.74 رپيا في ??ونٽ چارج ڪيو پيو وڃي، جيڪو نومبر تائين لاڳو هو. پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ گذريل مالي سال جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي ڀيٽ ۾ 1.54 رپيا في ??ونٽ صارفين کان گهٽ چارج ڪيو ويندو. ان ٽه ماهي جو لاڳو ٿيڻ ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سمورن صارفين کانسواءِ لائيف لائن صارفين تي هوندو، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو نوٽيفڪيشن کان پهرين وفاقي حڪومت آگاهه ڪيو ويو آهي.