پشاور-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرم ۽ خيبر پختونخوا جي صورتحال بابت خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي دعوت تي رٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار حسين، قومي وطن پارٽي جي اڳواڻ آفتاب شير پائو، جماعت اسلامي جي پروفيسر ابراهيم عنايت الله ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن انجنيئر امير مقام، مولانا لطف الرحمان، محمد علي شاهه ??اچا، محسن داوڙ، سڪندر شير پائو شرڪت ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ اي پي سي ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو . اي پي سي جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چي?? ته بدامني جي روشنيءَ ۾ اي پي س?? جو بندوبست وقت جي گهرج هئ??. گ??رنر چي?? ته ڪرم جي صورتحال سڀني آڏو آهي، بدامني صوبي ۾ پنهنجو ديرو ڄمائي ورتو آهي، بدقسمتيءَ سان صوبي جي حالتن تي اسيمبليءَ ۾ ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي. هن چي?? ته ٿيڻ اهو گهرجي ها ته اي پي س?? جو بندوبست صوبائي حڪومت ڪري ها پر ان امن امان جي صورتحال تي اڄ تائين بحث به نه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام اي پي سي گهرائڻ تي گورنر جي قدمن کي ساراهيو ۽ چي?? ته عوام جي مسئلن جو حل ڪي پي ڪي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي، هن چي?? ته ڪي پي ڪي حڪومت جا وسيلا احتجاج ۽ ڌرڻن تي خرچ ٿي رهيا آهن، اي پي سي ۾ ڪي پي ڪي جي حقيقي قيادت شريڪ آهي، ڪي پي ڪي جي عوام لاءِ پي ٽي آءِ حڪومت ڪجهه ??ه ناهي ڪيو. سندس چوڻ ه?? ته ڪي پي ڪ?? جو وڏو وزير ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست ڪري رهيو آهي، سندس صوبي جي امن امان لاءِ ڪا ڳڻتي ناهي. ڪرم ۾ لاش ڪريا هئا ۽ هو اسلام آباد تي چڙهائي ۾ مصروف هو. ٻي طرف خاص ڳالهه ٻولهه ??وران ڪي پي ڪي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊ??ڪٽر عباد چي?? ته صوبي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي. هن چي?? ته سنگين نوعيت جي مسئلن باوجود پي ٽي آءِ مسئلن تي ڳالهائڻ نٿي چاهي.