اسلام آ??اد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 12 جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم ملڪ جي سلامتي لاءِ شهادت ماڻيندڙن کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن دهشتگردي جي واقعي ۾ شهادت ماڻيندڙ جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دع?? ڪئي. صدر شهيدن جي پونئيرن سان ??فسوس جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.