راولپن??ي-27 نومبر (اي ??ي پي) چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن (سي ايم سي) جي نائب چيئرمين جنرل زانگ يوشيا اعليٰ سطحي وفد سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو. معزز مهمان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ن??يڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن ۾ گڏ??ل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال، خطي ۾ استحڪام جي قدمن ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي چيف جنرل عاصم منير پا??ستان ۽ چين جي پائيدار دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي لاڳاپا گڏ??ل اعتماد ۽ تعاون جي بنياد تي قائم آهن. هن ان تاريخي حصيداري کي وقت جي هر امتحان ۾ ثابت قدم قرار ڏنو ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي. آرمي چيف چين جي قيادت جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته عالمي ۽ علائقائي حالتن جي تبديلي باوجود پا??ستان سان مضبوطي سان بيٺل آهي. جنرل زانگ يوشيا پا??ستان سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري لاءِ پا??ستان جي مستقل وابستگي کي ساراهيو. هن دهشتگردي خلاف پا?? فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ ان پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي جنرل زانگ يو شيا شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ پا??ستان جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي کيس پا??ستان آرمي جي هڪ چست جٿي طرفان گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.