اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد ۾ وفاقي سطح تي ??حتسبين جي حڪمن جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ??ئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ??ن نمائندگين تي ڪارروائي ۽ فيصلو ڪرڻ جي لاءِ صدر پاڪستان پاران نامزد ڪيل جسٽس (ر) عرفان قادر پڻ موجود هو. انهن نمائندگين ۾ وفاقي محتسب، ڪم جي جڳهه تي ??راسان ڪرڻ جي خلاف تحفظ جي لاءِ وفاقي محتسب ۽ وفاقي انشورنس محتسب بابت معاملا شامل هئا. ٻڌڻي کانپوءِ وقتي صدر چيو ته گذريل ڇهن مهينن ۾ صدر پنهنجي نامزد ڪيل نمائندي جي ذريعي سوين ڪيسن جو ف??صلو ڪيو آهي جن ۾ ايگزيڪيوٽو جي بدانتظامي تي غريبن، بيواهن، معذور ماڻهن بشمول اقليتن ۽ پٺتي ??يل علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ريليف فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته تازن ڏينهن ۾ ڪيسن جو اهڙي طرح فوري طور تي اڪلائجڻ بي مثال آهي. وقتي صدر چيو ته شهرين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ٽيڪسيشن ۽ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ پڻ وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪيو ويو. هن چيو ته وفاقي سطح تي ??حتسب جا ادارا بشمول صدر جي نامزد ڪيل اعليٰ ترين فورم وفاقي حڪومت جي سمورن ادارن، خودمختيار ادارن ۽ ٻين قومي اهميت جي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن سان لاڳاپيل معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو جي بدانتظامي جي خلاف عام ماڻهن کي ريليف فراهم ڪيو آهي. اهڙي طرح هر سال ٻه لک کان وڌيڪ ڪيسن جو ف??صلو ٿي رهيو آهي جتي صدر پاڪستان سڀ کان وڏو ف??رم آهي. وقتي صدر چيو ته ميڊيا کي ماڻهن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته وفاقي سطح تي ??حتسب جون آفيسون قائم ڪرڻ جي ذريعي وڏي انگ ۾ شڪايتن جو اڳ ?? ئي ازالو ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ جو به ازالو ڪيو ويندو.