اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات?? نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سپريم ڪو??ٽ بار جي چونڊن ۾ انڊيپنڊنٽ گروپ جي اميدوار ميان رئوف عطاءَ کي سپريم ڪو??ٽ بار جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وڪ??ل برادري هڪ بهترين شخصيت کي سپريم ڪو??ٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو آهي. هن چيو ته وڪ??ل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي فروغ ۾ وڪ??لن جو روشن ڪردار آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وڪ??ل بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئون چونڊيل صدر ۽ ٻيا عهديدار آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته فاتح پينل وڪ??ل برادري جي مسئلن جي حل ۽ اهم عدالتي معاملن ۾ موثر ڪردار ادا ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير انڊيپنڊنٽ گروپ جي سربراهه احسن ڀون کي پڻ رئوف عطاءَ جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.