اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ??ربت هڪ وڌندڙ سماجي ۽ معاشي مسئلو آهي، غربت گهٽائڻ لاءِ عالمي سطح تي اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، غربت جي خاتمي لاءِ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشري جي جوڙجڪ ضروري آهي. ڪالهه جاري بيان ۾ اسپيڪر غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو ته ??ربت هڪ عالمي مسئلو آهي. هن چيو ته ??ڄي دنيا ۾ خاص طور اُسرندڙ ملڪن ۾ عوام جو هڪ وڏو انگ غربت جي لڪير کان هيٺاهين واري زندگي گذاي رهيو آهي. اسپيڪر چيو ته ??ماجي ۽ اداره جاتي ناانصافي ۽ غير منصفاڻا رَويا غربت جي خاتمي ۾ وڏيون رڪاوٽون آهن، جن جي ازالي جي ضرورت آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ قانونسازي ذريعي ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، موجوده حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻ?? رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پُٺتي پيل طبقن کي بااختيار بنائڻ لاءِ مختلف فلاحي ۽ سماجي منصوبا جاري ڪيا ويا آهن، موجوده حڪومت طرفان پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جاري ڪرڻ نوجوانن کي مالي طور تي پاڻڀرو بنائڻ جي ??هت??ين ڪوشش آهي. اسپيڪر چيو ته معياري تعليم ۽ ??هت?? طبي سهولتن کي هٿي ڏيڻ، هڪ ??هت?? ۽ محفوظ مستقبل لاءِ غربت جو خاتمو ضروري آهي.