راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي ضل??ي جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ??اڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمدعلي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد (عمر 43 سال، رهواسي فيصل آباد)، لانس نائيڪ محمد الله شهيد (عمر 29 سال، رهواسي خيبر)، لانس نائيڪ اختر زمان ش??يد (عمر 30 سال، رهواسي لڪي مروت)، لانس نائيڪ شاهد الله شهيد (عمر 29 سال، رهواسي ٽانڪ)، لانس نائيڪ يوسف علي شهيد (ع??ر 31 سال، رهواسي اورڪزئي) ۽ سپاهي جميل احمد شهيد (عمر 26 سال، رهواسي سوات) گذريل ڏينهن دهشتگردن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ??اڻي، جن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ سينيئر حاضر سروس فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقن جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي شيهدن جون اهي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ ۾ اسان جي عزم ۽ حوصلي کي تقويت بخشين ٿيون.