اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان جو ڪردار تعريف لائق آهي، هو دانشمند، مدبر، دور انديش سياس?? اڳواڻ آهي. ڪالهه گهرو وزير، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. هن مولانا فضل الرحمان ۽ مولانا عبدالغفور حيدري کي جي يو آءِ جو بنا مقابلي امير ۽ سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي ??با??ڪون پيش ڪيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان جون پنهنجي جماعت ۽ پاڪستان لاءِ گهڻيون خدمتون آهن. مولانا فضل الرحمان سينيئر ترين سياستدان آهي، پاڪستان جي سيا??ت ۾ ان جو مقام مٿانهون آ??ي. ??ن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ جي يو آءِ اصولن تي ٻَڌل سياست ڪ??ي آهي، مولانا فضل الرحمان جون پنهنجي جماعت ۽ پاڪستان لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن.