اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي شڪر ادا ڪندي چي?? آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جاري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌ??ڪ استحڪام ايندو. وزيراعظم مهانگائي جي سيپٽمبر مهيني ۾ ساليانو شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ تي حڪومت جي معاشي ٽيم جي پذيرائي ڪئي آهي. آگسٽ 2024ع ۾ 34 مهينن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي آئي، سيپٽمبر 2024ع ۾ گذريل 44 مهينن ۾ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح 6.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئ?? وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب الله جي فضل ۽ ڪرم سان عوام سان ڪيل وچن جي پاسداري ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿ?? وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته مهانگائي جي شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ سان عام ماڻهو کي ريليف ملندو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ پڻ لاڳيتو گهٽتائي سان عوام کي ريليف ملي رهيو آهي. هن چي?? ته وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي جي شرح کي 2025ع تائين 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جي هدف جو 2024ع ۾ ئي حاصل ٿيڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چي?? ته پهرين ڏينهن کان عوامي ريليف جي لاءِ قدمن کي اولين ترجيح بڻايو، پاڪستان جي ڊيفالٽ جي خواهش ڪندڙن جو منصوبو ناڪام ٿيو، پوري قوم گذريل سالن ۾ هڪ گروهه جي نااهلي جي ڪري مشڪلاتون ڏٺيون، ملڪي معيشت مستحڪم، سفارتي لاڳاپا مضبوط ۽ عام ماڻهو جي خوشحال?? جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام جاري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌ??ڪ استحڪام ايندو. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان جي ترق?? جو سفر 2018ع ۾ جتي بيٺو هو، اتان ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي.